اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پي?? تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊا??ون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحا?? کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته لاڪ ڊا??ون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊا??ون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊا??ون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊا??ون مسئلي جو حل نه آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پي?? تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦهلاءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.
ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا