اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي کان سڄي مل?? ۾ تعلي??ي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون بحال ٿي وينديون ۽ ٽي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بحال ٿي ويندو، ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪورونا جي خلاف حفاظتي تدبيرن سميت ماسڪ جي استعمال تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ اڏامون جاري ڪرڻ، ٽي سي پي طرفان درآمد ڪيل ڪڻڪ جي حوالي سان پري شپمينٽ ايجنسين کي پري شپمنٽ انسپيڪشن جي هڪڙو ڀيرو ۽ افغانستان جي حوالي سان تجويز ڪيل ويزا پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي مالي سال 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع ۾ حڪومتي ق??ضن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت کي ٽي کرب روپين جو قرض ورثي ۾ مليو، جنهن جون قسطون ادا ڪرڻ ۽ مل?? کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي وڌيڪ قرض وٺڻا پيا.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ریل رش