اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي ويون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي ويون آهن، اسلام آباد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نومبر تائين جاري رهندو، لوڪ ميلي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران ر??ز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، لوڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آهي، س??لي??ني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وفاقي وزير شف??ت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شف??ت محمود چيو ته ڪورونا جي ڪري هن سال وڌيڪ احتياط ??ي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪورونا جي حالتن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، لوڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وفاقي وزير شف??ت محمود چيو ته اسان کي انهن ر??ايتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.
ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وفاقي وزير ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب