اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پروگرام سماجي صحت جي تحفظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پروگرام آهي، جنهن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت?? جي فر??هي يقيني بڻائي ويندي آهي. اهو پروگرام انڊور پيشنٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لاءِ آهي تنهن هوندي به مستقبل ۾ ان جو دائرو آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌايو ويندو. مستحقي?? جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪئي ويندي آهي جنه?? جي نادرا تصديق ڪندو آهي، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سروي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪيو ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ان پروگرام جي پهرين مرحلي جو آغاز ڪيو ويو جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آهن. ان پروگرام تحت گهٽ خرچ وارين بيماري?? جي لاءِ ساليانو 50 هزار جڏهن ته 2 لک 50 هزار روپيا هر ان خاندان کي فر??هم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 7 ترجيحي بيمارين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان عرصي دوران اهو پروگرام سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي پهچ ڏني وئي آهي. 2019ع ۾ ان پروگرام جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪيو ويو، ان پروگرام تحت اهڙيون بيماريون جنهن جا گهٽ خرچ آهن في خاندان 60 هزار روپيا جڏهن ته اهڙين بيمارين جنهن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ان جو دائرو 92 لک خاندانن تائين وڌايو ويو، اهو پروگرام آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺئتي پيل ضلع?? جي ضرورتمند خاندانن کي سهولت فر??هم ڪري رهيو آهي، قومي صحت ڪارڊ جي پروگرام ۾ مريضن جا آپريشن، دل جي مريضن کي اسٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريض?? جي علاج، نيورو سرجيڪل پروسيجر، باهه ??بب سڙيل مريضن جو علاج، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهو، گردي جي مريض?? جي لاءِ ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امدادي فر??هم ڪئي ويندي جڏهن ته عورت?? جي لاءِ ميٽرنٽي پيڪيج فر??هم ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي دوران وفاقي حڪومت ڪوشان آهي ته ان پروگرام جو دائري ڪار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 12 لک خاندانن تائين وڌايو وڃي، وزيراعظم جي قومي هيلٿ سروسز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم عالمگير هيلٿ ڪوريج ويزن تحت نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت صوبن ۽ علائق?? جي سهڪار سان صحت سهولت پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاو?? جي خاطري ڪرائي آهي. مريض?? جي اطمينا?? جي جائزي مان ظاهر ٿيو آهي ته 97.5 سيڪڙو اطمينان بخش شرح سامهون آئي آهي، موجوده حڪومت صحت پروگرام جي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏئي ڇڏي آهي. نادرا سان رجسٽرڊ معذور ماڻه?? جي لاءِ به اها سهولت دستياب هوندي، پروگرام جي اهميت کي نظر ۾ رکن??ي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور تحت سمورن شهرين کي معياري سهولت فر??هم ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ صحت سهولت پروگرام تحت صحت انصاف ڪارڊ پروگرام کي سگهه ڏيندي، ان پروگرام تحت غريب خاندانن کي انڊور هيلٿ ڪيئر سروسز جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فر??هم ڪري رهي آهي، هن چيو ته مريض?? جي علاج کانپوءِ کين گهرن ۾ منتقلي جي لاءِ ٽرانسپورٽيش?? جي سهولت به فر??هم ڪئي ويندي.
وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پروگرام سماجي صحت جي تحفظ جو عالمگير فليگ شپ پروگرام
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن