اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو و??ت آهي، قبله اول تي حملو اسلامي دنيا تي حملو آهي، 27 رمض??ن المبارڪ تي اسرائيل قبله اول مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلم??ن امت کي للڪاريو آهي، ان وقت ک??ن هيستائين وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي امن جي لاءِ سفارشن کي ويٽو ڪري رڪاوٽ وڌي وئي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فلسطين جي معاملي تي تاريخ جي صحيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏي??دي، جمعي 21 مئي تي پوري قوم فلسطينين سان پرامن ۽ شائسته انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏي??دي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوان کي مبارڪباد ڏني ته حڪومت جا هٿ ??ن اتفاق راءِ سان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو.
هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو وقت آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania