اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسين اف??انستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جو اف??انستان ۾ ڪو به پسنديده نه آهي، اف??ان عوام جنهن حڪومت جي به چونڊ ڪندي، پاڪستان ان سان بهترين لاڳاپا رکندو، منهنجي حڪومت جو موقف آهي ته اف??انستان کي ٻاهر کان ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، اف??ان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ ڪنهن به خانه جنگي جا اثر پاڪستان جي قبائلي علائقن تي پوندا، ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪرڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون ۽ ٽه ڌرئي اف??ان امن عمل ۾ ان جي شموليت کي قبول ڪرڻ ممڪن نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ اف??انستان جي صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جيڪي پاڪ اف??ان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ پاڪ اف??ان ڪانڪليو ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ۾ آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيٽر فيصل جاويد به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن جي سوالن جا جواب به ڏنا، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اف??انستان ۾ اسان جو به پسنديده نه آهي، اسان جي پاليسي اها آهي ته اف??انستان جي عوام جنهن کي به چونڊي ٿي، پاڪستان ان سان بهترين لاڳاپا رکندو. طالبان پاران اف??ان شهرين کي مارڻ جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ هن صاف لفظن ۾ چيو ته طالبان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن يا نه ڪري رهيا آهن، ان جو پاڪستان سان ڪو به واسطو نه آهي، اسان نه ته ان جا ذميدار آهيون ۽ نه ئي اسان طالبان جا ترجمان آهيون، اف??انستان امن عمل ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي حصيداري جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، نه رڳو اهو پر ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت جي نئين باب جو آغاز ڪيو. پاڪستان 1948ع کان ڪشميرين جي حق جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي پنهنجو آواز بلند ڪري رهيو آهي، جيستائين ڀارت پنهنجي 5 آگسٽ جي قدمن کي واپس نٿو وٺي ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال نٿو ڪري، جنهن تحت ڪشميري جيستائين گڏيل قومن جي سونپيل خودمختياري واري حق جو اظهار نٿا ڪن تيستائين ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي.تيستائين ڀارت سان ڳالهين ۽ پاڪستان لاءِ ان جي ٽه ڌرئي اف??ان امن عمل ۾ شموليت قبول ڪرڻ ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته هن تازو ئي اف??انستان جو دورو ڪيو، صدر اشرف غني سان سندس بهترين لاڳاپا آهن، پر تازي بيانن ۾ اف??ان اڳواڻن پاڪستان کي اف??ان بحران جو ذميدار بڻايو جيڪو انتهائي اف??وس جي ڳالهه آهي، ڇو ته پاڪستان پهرين آمريڪا ۽ پوءِ اف??ان حڪومت سان ڳالهين لاءِ طالبان کي قائل ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪئ?? آهي. خطي جو ڪو ٻيو ملڪ پاڪستان جي ڪوششن جي برابري جو دعويدار نٿو ٿي سگهي. جنهن جي تائيد آمريڪا جو خصوصي نمائندو زلمي خليل زاد به ڪئ?? آهي، پاڪستان ۾ سول ۽ عسڪري ادارن جو اف??انستان امن عمل ۾ هڪ پيج تي هجڻ جي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اف??انستان ۾ غلط تاثر موجود آهي ته پاڪستان کي عسڪري ادارا ڪنٽرول ڪندا آهن جيڪو بدقسمتي سان سراسر ڀارت جو پکيڙيل ??رو??يگنڊا آهي. منهنجي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي گذريل 25 سالن کان منهنجي پارٽي جي منشور جو حصو رهي آهي، منهنجو سدائين اهو ئي موقف رهيو آهي ته اف??ان مسئلي جو حل عسڪري نه پر سياسي طريقي سان ممڪن آهي، گذريل 15 سالن ۾ پارٽي سربراهه جي حيثيت سان ۽ گذريل ٽن سالن کان حڪومت ۾ رهي ڪري آئون پنهنجي موقف تي قائم آهيان ۽ حڪومت کي ان موقف تي عسڪري ادارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي. پاڪستان سدائين ڀارت سان امن جو خواهشمند آهي، پر ڀارت امن نٿو چاهي ڇو ته هو هن وقت آر ايس ايس جي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي جيڪو نه رڳو ڪشمير پر ڀارت ۾ مسلمان، ٻين مذهبن جي مڃيندڙن ۽ اقليتن سان برو سلوڪ ڪري رهيا آهن اهي ئي محرڪات ڀارت سان امن ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، هن چيو ته 1948ع ۾ سئو قراردادن جي ذريعي ڪشمير کي اهو حق ڏنو ويو ته هو عوامي راءِ جي ذريعي اهو فيصلو ڪري ته هو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا ته ڀارت جو ان حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميرين جدوجهد شروع ڪئ?? پر 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي ان کان پوءِ پاڪستان ڀارت سان سمورا سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا، جيستائين ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال نٿو ڪري اسان ٽه ڌرئي ڳالهيون ڀارت سان شروع نٿا ڪري سگهون جنهن ۾ اف??انستان به شامل هوندو، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون سدائين چيو آهي ته اف??انستان جو مسئلو سياسي طور تي حل ٿيندو، پاڪ ف??ج ڀارت سان امن بابت منهنجي سمورن قدمن جي حمايت ڪئ?? آهي. اهو ڀارت ئي آهي جيڪو امن نٿو چاهي ڇو ته هن وقت ڀارت کي آر ايس ايس نظريي جي حامي پارٽي ڪنٽرول ڪري رهي آهي جيڪا پاڪستان مخالف ۽ مسلم مخالف آهي، گائي ماتا جا پيروڪار مسلمانن کي گلين ۾ ماري رهيا آهن ۽ انهن تي ڪو به فرد جرم لاڳو نٿو ٿئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي حڪومت جو موقف آهي ته اف??انستان کي ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن اف??ان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ خانه جنگي جاري رهي ته ان جا اثر پاڪستان جي قبائلي علائقن تي پوندا، جڏهن اسان دهشتگردي جي خلاف آمريڪي جنگ جو حصو بڻياسين ته ان جا اثر اسان جي قبائلي علائقن تي پيا ۽ ان جنگ ۾ 70 هزار پاڪستانين جون جانيون ضايع ٿيون، اسان وڌيڪ خانه جنگي جي سٽ نٿا سهي سگهون، خانه جنگي جي صورتحال ۾ وڌيڪ اف??ان پناهگير پاڪستان ايندا، 20 سالن کان فوجي حل جي ذريعي اف??انستان ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪئ?? وئي پر اهو ناڪام ٿي ويو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اف??انستان ۾ امن ٿئي، طالبان حڪومت گڏجي هڪ گڏيل حڪومت ٺاهين اهو ئي واحد حل آهي، اف??ان عوام جنهن جي به چونڊ ڪري پاڪستان ان سان بهترين لاڳاپا رکندو، پاڪستان اف??ان سرحد تي خاردار تار لڳائي، ان تي تمام وڏو خرچو آيو، تقريبن 90 سيڪڙو سرحد تي خاردار تار لڳي چڪي آهي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ اف??انستان جي سفير جي ڌيءَ جي معاملي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته جاچ ۽ اف??ان سفير جي ڌيءَ جي موقف ۾ تضاد آهي، هن چيو ته اف??ان سفير جي ڌيءَ جو موقف، سيف سٽي ڪئ??يرا فوٽيج ۽ ٽيڪسي ڊرائيور جي بيان ۾ هم آهنگي نه آهي. اف??ان سفير جي ڌيءَ بابت سيف سٽي ڪئ??يرائن جا تفصيل موجود آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته جنهن ٽيڪسي تي اف??ان سفير جي ڌيءَ سفر ڪيو، ان ٽيڪسي ۽ ڊرائيور جي معلومات موجود آهي.
اسين افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪو به پسنديده نه آهي، افغان عوام جنهن حڪومت جي به چونڊ ڪندي، پاڪستان ان سان بهترين لاڳاپا رکندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ