اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وز??ر چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وف??قي وز??ر گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وف??قي وز??ر چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وز??ر چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وف??قي وز??ر جي تجويز سان اتفاق ڪيو.
چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن