اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني من??وبابندي جي فروغ لاءِ جامع ڪوششن تي زور ڏيندي سمورين ڌرين کي چيو آهي ته هو آبادي بابت ايڪشن پلان تحت مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ملڪ ۾ آبادي ۾ خطرناڪ اضافي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي پنجي?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو، پنجاب جي آبادي واري وزير ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي صوبائي چيف سيڪريٽرين، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاپوليشن ڪائونسل اسلام آباد ڊاڪٽر سبينه دراني ۽ يو اين ايف پي اي جي ڪنٽري ري پريزنٽو ڊاڪٽر زيبا ستار، ٽيڪنيڪل ماهرن، وفاقي ۽ صوبائي عملدار?? اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي صحت واري وزارت آبادي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي چوٿي?? اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتون وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهيون آهن، ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪري رهيون آهن ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني من??وبابندي لاءِ انساني وسيلن کي تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون، اجلاس ?? اهو به ٻڌايو يو ته عالم سڳورن، خطيبن ۽ مذهبي اڳواڻن کي خاص طور تي پنجاب صوبي ۾ پنهنجي خطبن ۾ صحت من?? خاندان جي فروغ لاءِ حصيدار بڻايو ويو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالم سڳورا پنهنجي جمعي جي خطبن ۽ ميڊيا پنهنجي ٽاڪ شوز ۾ خانداني من??وبابندي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ?? اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن صوبائي حڪومتن کي جامع سوچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته هو خانداني من??وبابندي جي باري ۾ پنهنجي حڪمت بابت پنهنجي مهارتن، تحقيق ۽ تجربن کان هڪ ٻي کي آگاهه ڪن، هن عالمي ڊونرز ڪانفرنس من??قد ڪرڻ تي قومي صحت واري وزارت ۽ يو اين ايف پي اي جي واکاڻ ڪئي.
ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع ڪوششُون ڪيُون وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ