اسلام آباد – 12 ف??بروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 8 جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ پڌرائ?? موجب صدر عارف علوي پنجگور شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي ملڪ جي لاءِ جان جو ??ذر??نو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار نذير، لانس نائيڪ عظمت، لانس نائيڪ محمد عيسيٰ جي وارثن سان ڳالهائيندي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي فرزند علي، سپاهي عمر، سپاهي نويد جي پونيئرن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر پونئيرن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ نائيڪ طاهر ۽ لانس نائيڪ بابر کي پڻ شهادت ??اڻ?? تي خراج عقيدت پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena