اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري ??حم??ن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي?? پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پاڻيءَ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ سبب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شه??ن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. شيري ??حم??ن چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي?? پاڻي جي ان شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل ??وم?? مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪ??ڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري ??حم??ن چيو ته پاڻي جي 1991ع جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، اسان کي پاڻي جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو.
سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : apostas quina