اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف پشاور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پا??ستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ شهرين خاص طور تي غيرمسلمان پا??ستانين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته ان دهشتگردي جي پٺيان پا??ستان دشمني آهي، اهڙن ??شمنن کي ختم صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز ??ريف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته متاثر خاندانن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گرفتاري ۾ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون ڪندي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت