اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان، چين ۽ ايران جي دهشتگردي ج?? خاتمي ۽ سلامتي بابت پهريون ٽه ڌريو مشاورتي اجلاس گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان پريس ??ريفنگ ۾ چيو ته ٽه ڌريي مشاورتي اجلاس ۾ پرڏيهي ??زارت ??ي ڊائريڪٽر جنرل (ڪائونٽر ٽيررازم) عبدالحميد پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. وفدن علائقائي سلامتي ج?? صورتحال خاص طور تي خطي کي درپيش دهشتگردي ج?? خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته مشاورت ??ي نتيجن جي بنياد تي ڌرين دهشتگردي ج?? خاتمي ۽ سلامتي بابت ٽه ڌريي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2