پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائري??ٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جيڪو پيرس ۾ ”نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ“ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فرانس جي دوري تي آهي، هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائري??ٽر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ جاري پروگرامن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 27 مئي 2023ع تي ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائري??ٽر کي پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معاشي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ حڪومتي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيندڙ پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪرڻ جو عز?? ڪيو آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ ايم ايف جي اي ايف ايف تحت مختص فنڊز جلد کان جلد جاري ڪيا ويندا ان سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن کي سگهه ملندي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائري??ٽر وزيراعظم کي جائزو وٺڻ جي جاري عمل جي حوالي سان پنهنجي اداري جي موقف کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات سان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان فائديمند موقعو مليو. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي واري وفا??ي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن وارو وفا??ي وزير سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير ??اڪ??ر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير عاصم افت??ار احمد پڻ موجود هئا.
وزيراعظم جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ