سجاول-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر امتياز علي ابڙو شاهه ??ندر، جاتي ۽ کارو ڇان جي ساحلي علائقن جو دورو ڪري پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن پاران خطري ھيٺ آيل علائقن ۾ موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو جي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاران شاهه ??ندر، جاتي ۽ کارو ڇاڻ جي غير محفوظ ساحلي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول I، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول II، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول سجاول، مورو مرڪز سجاول، گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول چانڊيا سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مدرسہ سائٽ سجاول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي يونس ميربحر جاتي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪو?? جاتي، سيف اسڪو?? جاتي ٽائون، مين پرائمري اسڪو?? جاتي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بيگنا موري جاتي ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر رليف ڪيمپ ۾ اٽڪل 500 کان 800 ۽ 1000 ماڻهن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته هن وقت تائ??ن 2000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ساحلي علائقن مان ڪڍي مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين پڪل کاڌو، صفائي سٿرائي، حفظان صحت جو سامان، ترپال، ڪمبل ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان نڪرڻ تي آمادہ ڪرڻ بابت ڀرپور مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن تان نڪري چڪا آهن جن کي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن ته جيئن کين مشڪلات ۽ پريشاني کي بچائي سگهجي.
ڊپٽي ڪمشنر سجاول جو ضلعي جي ساحلي علائقن جو دورو، ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ھلندڙ ريسڪيو جي ڪم جو جائزو
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری