اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سا?? واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??ين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سا?? اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان عوامي جمهوريه ??ين جي نامزد سف??ر چيانگ زي دنگ سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سف??رن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ ??ين جي نامزد سف??ر چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان چين سا?? پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ??ين سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو سا?? ڏنو، پاڪستان سمورن بنيادي معاملن تي ??ين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سا?? پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي وقت تي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي، هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سا?? گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف جي اڻٿڪ حمايت تي ??ين جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا?? وينزويلا جي نامزد سف??ر هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملاقات ڪئي. پاڪستان وينزويلا سا?? واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي خصوصي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر سا?? ڪولمبيا جي نامزد سف??ر جوليو اينيبل ري??نو ويلانڊيا پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سا?? اقتصادي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سف??رن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سف??ر پاڪستان سا?? ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea