اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفاد?? تي ڌيان ڏئي رهيو ??هي جڏهن ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي، پاڪستان چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڏنو هو، هن چيو ته پاڪستان يوڪرين سان روس جي جنگ تي ”غيرجانبدار“ ??هي ۽ چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته اها سرد جنگ نه آهي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آهي، اهو ايترو مبهم نه آهي، هر ڪو ڏسي رهيو ??هي ته ڇا ٿي رهيو آه??. ه?? چيو ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آه??. ه?? چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي راهه تي گامزن ??هي جنهن جي چونڊ اولهه، روس ۽ چين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ ڪئي وئي آه??. ه?? چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين جي وڌندڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رک??. ه?? چيو ته سوويت يونين جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو ساٿ ڏئي پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئ??. ه?? چيو ته گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان سان اولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪيو آهي، هر قوم پنهنجي لاءِ… اسان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن جي اثرن جي وچ ۾ ??هي ۽ پاڪستان انهن ملڪن مان رڳو هڪ آهي، يوڪرين بابت پاڪستان جي ”غيرجانبدار“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري رهيو ??هي ۽ گڏ ئي اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو ??هي ۽ اسان ان کي ٻنهي طريقن سان ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پاڪستان پاران يوڪرين ۾ جنگي سامان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ ۾ الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذ??يع?? به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي سان نگران وزيراعظم مبينا زيادتين جي ترديد ڪئي ۽ پاڪستان جي قدمن جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙن جي آمريڪا ۾ گرفتارين سان ڪئ??. ه?? چيو ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواي?? تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو شخص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آهي، اهو ان قسم جو طرزعمل نه ??هي جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذ??يع?? فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ان جي تائيد ٿئي ٿي، ته پوءِ پاڪستان کان اها اميد ڇو ڪئي پئي وڃي ته اسان اهڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.
پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج