اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڃا تائين م??ڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃ??، اليڪشن ڪميشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن جون چونڊون م??عقد ڪرڻ جي حوالي سان سيڪيورٽي سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ??يندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي ڪنهن کي چونڊون م??عقد ٿيڻ تي شڪ نه هجڻ گهرجي، اڳ ۾ چيو ويو ته انهن جي نيت ۾ فتور آهي ان لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري رهيا آهن، هاڻي جڏهن ته اتفاق راءِ سان 8 فيبروري چونڊن جي تاريخ اچي وئي آهي ته ڪو ابهام باقي نه آهي. هن چيو ته چونڊون اليڪشن ڪميشن کي منعقد ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي جن جن شين جي ضرورت هئي اهي پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ 42 ارب رپين جي بجيٽ گهري وئي هئي، پهرين مرحلي ۾ 10 ارب رپيا ڏنا ويا جنهن تي چيو ويو ته 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا وڃ??، اهڙي طرح ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا، باقي فنڊز به جڏهن اليڪشن ڪميشن ضرورت محسوس ڪندي ته فراهم ڪيا ويندا، اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي سميت هر طرح جو تعاون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اڃا تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان چونڊون م??عقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فراهم نه ڪري سگهون. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ افواهن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان ڪنهن وهم يا ڪنهن ٻي سوچ ۾ مبتلا ٿي وڃ??ون، نه ئي ڪنهن اداري پاران اهڙي طرح جي ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون حالتون اڳ ۾ به هيون ۽ اڃا به آهن، 2008ع ۽ 2018ع ۾ اليڪشن جي وقت جون حالتون به سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اهڙيون حالتون نه آهن جنهن جي ڪري عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃ??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان توهان پاڻ پڇندا ته کيس ڪنهن چيو ته صوبي ۾ وزارت اعليٰ جي اميدوار جو نالو فائنل ٿي ويو آهي، اسان جي حساب سان چئني صوبن ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان ۾ سموريون رجسٽرڊ سياسي پارٽيون آزادي سان حصو وٺنديون، هر سياسي پارٽي کي سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي، بلاول ڀٽو اڳ ۾ به سياسي سرگرميون ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي به ڪندو رهندو، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، جنهن جي جتي مرضي هجي پنهنجون سياسي سرگرميون ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي اطلاع هوندو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ وڃ?? رهيو آهي، اسان کي ته ڪو اهڙو اطلاع نه آهي. هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو ان جو فيصلو ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪندا.
اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia