اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن تي حملن جي منع جو معاهدو ٻين ڳالهين سان گڏ اهو فراهم ڪري ??و ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بي??ن ??وجب ان معاهدي تي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو معاهدو 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. معاهدي جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست باض??بط?? طور س??مر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. معاهدي تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی