اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ تعليم واري وفاقي وزارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي ا??ف ڊي اي ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر نمائندن کان علاوه تعليم واري وزارت جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير کي ايڇ اي سي پرائيويٽ ميمبر بل ”دي سمارٽ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (ترميمي) بل 2023ع“ جي باري ۾ بريفنگ ڏني. کيس ٻُڌايو ويو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي استادن لاءِ سروس اس??رڪچر ۽ پروموشن پاليسي تيار ڪري رهيو آهي. ڊي جي ا??ف ڊي اي وفاقي وزير کي ا??ف ڊي اي جي استادن جي تربيت جي حوالي سان به بريفنگ ڏني. مدد علي سنڌي کي هن وقت اس??ام آباد ۾ ڪيمبرج سسٽن تحت اي ۽ او ليول ۾ تعليم هيٺ شاگردن جي انگ جي باري ۾ ٻُڌايو ويو. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته اس??ام آباد ان جو انگ تقريبن 6 هزار آهي. مدد علي سنڌي ايڇ اي سي ۽ ا??ف ڊي اي کي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ اهڙيءَ طرح جي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری