اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي ??وري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب بحرين جي ??يشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ملاقات ڪئي ۽ بحرين جي بادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحرين جي ??لي عهد ۽ وزيراعظم شيخ سلمان بن حمد الخليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي ??اڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ بحرين جي ??يادت جا بطور وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي ??يغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي ??چ ۾ پ??اڻ?? ڀائ??اڻ?? لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ ان جو دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. وزيراعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي عوام جي ??اءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحرين جي بادشاهه ??ي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي جواب ۾ جنرل شيخ محمد وزيراعظم شهباز شريف کي جلد کان جلد بحرين جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي ??وري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina