گوادر – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته گوادر جي طوفاني برس??تن کان متاثر ماڻهن جي ??حا??ي ۽ امداد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، متاثر مو??صلاتي ڍانچي جي ??حا??ي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جي تفصيلي جائزي تي جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برس??تن جي متاثرين جي مدد ۽ ??حا??ي جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ جي ٻئي ڏينهن ئي وزيراعظم گوادر پهچي ويو. گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم امدادي ڪئمپ ۾ مو??ود طوفاني برس??تن جي متاثرين ۾ امدادي سامان ورهايو. ان موقعي تي هن متاثر ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وزارت عظميٰ جو حلف کڻندي ئي هو هتي آيو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته گوادر ۾ طوفاني برس??تن جي متاثرين کي هن مشڪل وقت ۾ اڪيلو ڇڏيو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کان گوادر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ تازي طوفاني برس??تن سان ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي ڪاررواين تي بريفنگ و??تي. وزيراعظم کي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ نقصانن ۽ متاثرين جي مدد لاءِ قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي قدرتي آفتن کان وقت کان اڳ آگاهي جي لاءِ نظام جوڙيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر مو??صلاتي ڍانچي جي ??حا??ي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جي تفصيلي جائزي تي ٻڌل رپورٽ جلد پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برس??تن جي متاثرين جي مدد ۽ ??حا??ي جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ انهن جي امداد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي.
وزيراعظم پاران عملدارن کي گوادر جي طوفاني برساتن کان متاثر ماڻهن جي بحالي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔