رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي ??زير داتوسيري اتاما حاجي محمد بن حاجي حسن سان عالمي تعاون، ترقي ۽ توانائي جي فروغ ??ي لاءِ خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملا??ات ڪئي، ورلڊ اڪنامڪ فورم جو اجلاس 28 ۽ 29 اپريل تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملا??ات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري ??ي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ وسيع تر لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي اڳئين دور جو اجلاس هلندڙ سال دوران اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ڌريون مارڪيٽن جو جائزو وٺنديون ۽ ٺوس اقتصادي نتيجن ??ي لاءِ مختلف شعبن ۾ پيش ڪيل موقعن مان ڀرپور فائدو کڻنديون. بيان موجب باقاعدگي سان اعليٰ سطحي رابطا ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ??ي لاڳاپن کي سگهه ڏين ٿا. ان پس منطر ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير ملائيشيا جي پرڏيهي ??زير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. غزه ۾ جاري انساني بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي ڌرين فوري طور تي گهيراءُ جي خاتمي ۽ فلسطينين کي فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو پرامن ۽ پائيدار حل ڳولڻ ??ي لاءِ او آءِ سي جي فريم ورڪ جي ا??در ويجهي تعاون جي پڻ ضرورت آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری