اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چ??و ته گلگت بلتستان کي معدنيات ۽ جواهرات جهڙن بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. ملاقات ۾ صدر کي گلگت بلتستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس گلگت بلتستان جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ بيروزگاري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي وزير صدر کي گلگت بلتستان جي دوري ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي ک?? خطاب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان جي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چ??و ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چ??و ته علائقي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي ??رو?? تي ڌي??ن ڏيڻو پوندو. هن چ??و ته گلگت بلتستان جي خودڪفالت جي لاءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي ??رو?? ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چ??و ته گلگت بلتستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي ک?? ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ تي ڌي??ن ڏيڻو پوندو.
گلگت بلتستان جي قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری