آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس ??ي صدر ولادي مير پيوٽن واپار ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ لا??اپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪا به جاگرافيائي سياسي تبديلي اسان جي لا??اپن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، ٻنهي ملڪن جا لا??اپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، اسان کي مستقبل ۾ پنهنجي لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس ??ي صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ شنگهائي تعاون تعاون (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ اقتصادي لا??اپن، توانائي جي شعبي، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خصوصي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لا??اپن جو احاطو ڪندي وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان پاڪستان جي لا??اپن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ انهن لا??اپن ۾ مسلسل بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهي. وزيراعظ?? واپار، توانائي، دفاع ۽ سلامتي سميت گڏيل لا?? جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي تعاون جو ايندڙ اجلاس جلد ماسڪو ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم روسي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم صدر پيوٽن کي ٻيهر روس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ روس وڌيڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته توهان سان ملاقات ڪري سٺو لڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جا روس سان گڏيل لا??اپا آهن، پاڪستان ۽ روس وڏي عرصي کان دوست ملڪ آهن، اسان کي مستقبل ۾ لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڪستان جا روس سان پراڻا ۽ ڪاروباري لا??اپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جا لا??اپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، آئون توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان ته جيئن انهن لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان توهان جي تجربن مان لا?? پرائي سگهون ٿا ۽ گڏيل واپار کي فروغ ڏئي سگهون ٿا جيڪو هن وقت هڪ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي درخواست تي توهان پاڪستان سان توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو هو، روس کان تيل جي سپلائي اسان کي موصول ٿي آهي اسان ان کي وڌيڪ وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان جا لا??اپا مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهن ۽ ڪا جاگرافيائي سياسي تبديلي انهن لا??اپن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ٻين ملڪن سان لا??اپا اسان جي لا??اپن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس سان پراڻا ڪاروباري رابطا آهن، اسان کي مستقبل ۾ انهن لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گذريل ملاقات ۾ به مون توهان سان ذڪر ڪيو هو ته 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ اسان بارٽر سسٽم تحت واپار جي شروعات ڪئي هئي ۽ اسان اڳوڻي سوويت يونين کان مشينري ۽ ٻيون مصنوعات برآمد ڪندا هئاسين ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي مصنوعات درآمد ڪندا رهيا آهيون، اسان کي مالياتي ۽ ٻيا بئنڪاري مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، روس سان بارٽر سسٽم تحت واپار کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون جيڪو پاڪستان جي لاءِ لا??ائتو ثابت ٿيندو ۽ ان سان اسان ڪيترن ئي ٻين مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ۽ پاڪستاني قوم پاران آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان روس سان لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي روس ??ي صدر ولادي مير پيوٽن چيو ته توهان سان ٻيهر ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻه سال اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ مليا هئاسين، اسان ٻطرفن معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ بهترين لا??اپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي ڪري ٻطرفن لا??اپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. روس ??ي صدر چيو ته توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان پنهنجي تعاون کي وڌائي سگهون ٿا، غذائي تحفظ جي شعبي ۾ به پاڪستان سان تعاون وڌائينداسين.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن پاران واپار ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق، وزيراعظم پاران روس جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔