اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)صنعتن، پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قد??ن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪي??ن ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ جا قدم گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، جن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قو??ن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪي?? ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سنگين ڪارروائين سان گڏيل قو??ن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي سندن لازوال قربانين ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪي??ن ٿا. پا??ست??ن پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سه??ار فراهم ڪندو.
ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ سندن قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز