لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مح??د اسحاق ڊار چيو آهي، ته وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي اڳواڻ?? ۾ ??ڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي، 9 مئي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙ?? ۾ ??ڻڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش جي مزار جي اڱڻ ۾ مسجد نبوي جي طرز تي ڇٽين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا س??ن ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مح??د نواز شريف ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ۽ ايٽمي طاقت بڻايو. معيشت کي هلائڻ سچ آن يا آف ڪرڻ جهڙو ناهي، وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي اڳواڻ?? ۾ ??ڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي مثبت پاليسين عيوض ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، بجلي جو مسئلو جلد حل ڪري عوام کي رليف ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته الله تعاليٰ ج?? فضل سان دهشتگردي جو جلد خاتمو ايندو. قومي سلامتي ۽ ادارن تي حملا اسان جي ريڊ لائين آهن، جيڪڏهن ڪنهن ريڊ لائين پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي هتي ڪا گنجائش ناهي، 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙ?? ۾ ??ڻڻ گهرجي.
حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis