اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گذريل رات ڊي چوڪ ۽ جناح ايونيو جو خصوصي دورو ڪيو ۽ شرپسندن جي احتجاج سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊي چوڪ ??ان سيونٿ ايونيو تائين ويو جتي سمورا رستا صاف هئا، مڪمل طور تي امن هو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير حقيقتن ??ان آگاهه ڪندي چيو ته ڊي چوڪ ??ان سيونٿ ايونيو تائين رستا بلڪل سنسان آه??، انتشار ڦهلائيندڙ بنا سامان کڻڻ جي هتان ڀڄي ويا، انهن جي فائنل ڪال جو ڇا ٿيو؟ ايتري ڀڃ ڊاهه ڪري، ڀڀڪيون هڻي موقعي تان ڀڄي وڃڻ سمجهه ۾ نه آيو. ڊي چوڪ ??ان بليو ايريا واري پاسي تي انهن ??نهنجي فائنل ڪال واري ڪنٽينر کي پاڻ باهه لڳائي ??نهن ۾ ثبوت موجود هئا ته ڪهڙين ڪهڙين ج??ين تي حملو ڪرڻو آه??، ڪهڙين ڪهڙين سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻو ۽ ڪهڙو جاني نقصان ڪرڻو آه??، هتي ڪافي دستاويز سڙيل نظر اچي رهيا آه??، انهن جي پوري نيت هئي ??ه اڳتي پهچي گهيراءُ ڪن ۽ باهيُون ڏين، جاني نقصان ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائن، انهن ج?? سمورا منصوبا خاڪ ۾ ملي ويا. هن ??ڌايو ته هتي وڻ ٽوڙي، گند مچايو، پٿر اڇلايا جهڙي طرح انهن ??تي گند مچايو هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهن ??ا، هر ڀيري ڀڄي وڃڻ ضروري هوندو آه??؟ اهو انهن جو شيوو بڻجي ويو آه??، 2014ع جي ڌرڻي کانپوءِ اهي پنهنجي طور تي هي هڪ وڏو احتجاج نه ڪري سگهيا، هاڻي بنا سامان جي حالت ۾ ڊوڙي رهيا آه??. انهن جي ليڊر جيڪا فائنل ڪال ڏني هئي ??ن جو ڇا ٿيو؟ اهي ليڊر کي آزاد ڪرائڻ آيا هئا ۽ پنهنجا ماڻهو گرفتار ڪرائي فرار ٿي ويا آه??. بشريٰ بي بي ۽ گنڊاپور پاڻ ۾ ڏند چڪ جي ڪري گڏ نه ٿي رهيا هئا، سيڪيورٽي فورسز جا ٿورا جو انهن انهن ??نهي کي گڏ ڪري ڇڏيو ۽ اهي هڪ ئي گاڏي ۾ ويهي فرار ٿي ويا. هي جنهن ??رانسپورٽ ۾ آيا هئا ان کي ڇڏي ڀڄي ويا، هتي درجنين وينز بيٺل هيون، انهن جي جُتين، ڪپڙن تائين پيل آه??. زيرو پوائنٽ واري پاسي تي پڻ رستو بلڪل صاف آه??، گهيراءُ ڪرڻ ۽ باهه ڏيڻ جا نشان نظر اچي رهيا آه??، سڙيل موٽرسائيڪلون ۽ ميٽرو بس جا جنگلا ٽٽل نظر اچن ٿا ان کانسواءِ هتي امن آه??. وفاقي وزير چيو ته انهن ??رار ٿيڻ ۾ تمام جلدي ڪئي ??هي. هن چيو ته تحريڪ انصاف پاران ڪوڙي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي ته هتي لاش ڪيرايا ويا آه??، سڌي فائرنگ ڪئي وئي ??هي، ان پوري رستي تي اسان کي نه ته ڪٿي گولين ج?? خول نظر آيا نه لاش نظر آيا ۽ نه انهن ??ٽ ڪو وڊيو ثبوت آه?? ته هتي ماڻهو ماريا ويا، شرمندگي ??ان بچڻ جي لاءِ ڪوڙي پروپئگنڊه ڪري رهيا آه??، انهن کي خبر آه?? ته هي بري طرح ناڪام ٿيا آهن ??اڻي ان شيءَ جو سهارو ورتو پيو وڃي ته سڌيون گوليون هنيون ويون آه??، ڪنهن اسپتال ۾ ڪوبه لاش ناهي ويو، منهنجي نوٽيس ۾ اهو به آيو آه?? ته انهن ??نهنجي ماڻهن کي ٽاسڪ ڏنو آه?? ته مختلف شهرن ۾ جتي قدرتي فوتگيُون ٿين ته انهن جي گهر وڃي انهن جي خاندان کي پئسا ڏئي مجبور ۽ قائل ڪن ته انهن جو موت هتي ٿيو آه??. اهڙو ڪو واقعو ٿئي ??ه سڀ ??ان پهرين پوسٽ مارٽم ڪرائي ويندي آه?? ۽ رپورٽ گڏ هوندي آه??. هن چيو ته ناڪامي ۽ فرار کانپوءِ هاڻي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو پيو وڃي، ان کي رد ڪريون ٿا، اها ناڪامي ??ان بچڻ جي ڪوشش آه??. هن چيو ته ڪهڙا ماڻهو آه?? جن کي گولي هنئي وئي ??هي؟ اهي ڪجهه ماڻهن جون ج??لي لسٽون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري رهيا آه??، هاڻي انهن جو اڳيون هدف اهو آه?? ته هي سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڦهلايو وڃي ته ماڻهو مري ويا آه??. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آه?? جنهن ۾ انهن ج?? ماڻهو فائرنگ ڪري رهيا آه??. هن چيو ته هن ??وري رستي تي پرامن طريقي سان معاملو رهيو، انهن کي منتشر ضرور ڪيو ويو پر ڪا سڌي فائرنگ نه ٿي نه فوتگيون ٿيون، ڪوڙ ڦهلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو پيو وڃي. انهن ??وٽرسائيڪلون ساڙيون. اهي ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ آيا هئا، اهو سمجهه ??ان ٻاهر آه?? ته انهن جو مقصد ڇا هو؟ ڪلثوم اسپتال ويجهو انهن ??ڌيڪ ڇڪتاڻ جي ڪوشش ڪئي، هي جيڪي گاڏيون ڇڏي ڀڳا آه?? انهن جو رخ ڊي چوڪ طرف هجڻ گهرجي ها جڏهن ته انهن جو رخ ٻئي ??رف نظر اچي رهيو آه?? پر گاڏين سميت نه ڀڄي سگهيا ته ائين ئي فرار ٿي ويا. وفاقي وزير چيو ته مڪافات عمل آه?? ته انهن 9 مئي ??ي ورديون لڙڪايون هيون اڄ انهن ج?? ڪپڙا هتي نظر اچي رهيا آه?? جن کي ڇڏي ڀڄي ويا آه??، اها بزدلي جي نشاني آه??. هن چيو ته گذريل ڀيري به علي امين گنڊاپور هتان ڀڄي ويو هو، هن ڀيري به هتان ڀڄي ويو آه??، اها ڪهڙي سياست آه?? جو توهان انتشار ڦهلايو، ڀڃ ڊاهه ڪريو ۽ موقعي تان فرار ٿي وڃو. هن چيو ته هي اسلام آباد ۾ لشڪر ڪشيءَ ڪرڻ آيا هئا، ائين سياست ناهي ٿيندي جو توهان ٻه ڀيرا موقعي تان فرار ٿي وڃو. انهن کي گهرجي ته پنهنجي صوبي ۾ وڃي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪن.
ڊي چوڪ کان سيونٿ ايونيو تائين رستا بلڪل سنسان آهن، انتشار ڦهلائيندڙ بنا سامان کڻڻ جي هتان ڀڄي ويا، انهن جي فائنل ڪال جو ڇا ٿيو؟ ايتري ڀڃ ڊاهه ڪري، ڀڀڪيون هڻي موقعي تان ڀڄي وڃڻ سمجهه ۾ نه آيو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک