اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري پريس رليز موجب وف??قي وزير آذربائي??ان ۾ پاڪستاني سفير سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران آذربائي??ان جي تازي دؤري جي روشني ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاملن تي غو?? ويچار ۽ آئنده لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وف??قي وزير، آذربائي??ان ۾ پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين کان فالو اپ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڊيو لِنڪ اجلاس ۾ مواصلات ۽ نجڪاري جا وف??قي سيڪريٽري به شريڪ ??ئا. هن پنهنجي کاتي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قاسم محي الدين، وف??قي وزير ک?? مختلف معاملن تي ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته آذربائي??ان جا مختلف سرڪاري ادارا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ادارن جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ان موقعي تي وف??قي وزير چيو ته آذربائي??ان سان مواصلات جي شعبي ۾ ٻن موٽ?? ويز، ايم 6 ۽ ايم 9 ۾ سيڙپڪاري تي به غور ڪيو. هن چيو ته ترڪيه ۽ آذربائي??ان جي پاڪستان ۾ سفيرن سان جلد ڌار ڌار ملاقاتون ڪندس. هن هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتخانو ڊسمبر جي جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري. وف??قي وزير ک?? آذربائي??ان سان سيڙپڪاريءَ لاءِ ”جي ٽو جي“ طريقيڪار تي سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن سرگرمين جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته واپاري معاملن تي سينٽرل ايشيا پاڪستان لاءِ اوڀر يورپ تائين گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. وف??قي وزير چيو ته باڪو، آذربائي??ان ۾ هلندڙ مهيني ٿيل ڪوپ-29 ۾ پاڪستان جي نمائندگي نمايان رهي.
نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن