اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس توانائي، تعليم، دوائن، واپار، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ صنعتي تعاون جي شعبنن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 8 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان روس واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت بين الحڪومتي ڪميشن جو نائون اجلاس 2 ??ان 4 ڊسمبر تائين ماسڪو ۾ ٿيو. هن چيو ته آءِ جي سي جي گڏيل صدارت توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ روس جي توانائي واري وزير سرگئي تسويليف ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين ٻطرفي سياسي ڳالهه ٻولهه جي تعميري نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ اعليٰ سطح ت?? رابطن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي ??ند?? نتيجاخيز ??عاون پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ اقتصادي، واپاري، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فضائ?? رابطن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پاڪستان ۽ روس ۾ توانائي، تعليم، دوائن، واپار، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ صنعتي تعاون جي شعبنن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 8 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ٿيُون آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل