اسلام آباد- 11 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چي?? آهي ته پاڪستان، تاجڪستان سان پنهنجي موجوده دوستاڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان گڏيل واپار ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان، تاجڪستان گڏيل ڪميشن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهميت وارو آهي. اربع ڏينهن پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ستين گڏيل ڪميشن اجلاس کي خطاب ڪندي هن چي?? ته اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعت، واپار، زراعت، توانائي ۽ گڏيل منصوبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ڇهين گڏيل ڪميشن جي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ستين گڏيل ڪميشن اجلاس جي ميزباني اقتصادي معاملن واري وزارت ڪئي. پاڪستان طرفان توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جڏهن ته تاجڪستان طرفان توانائي ۽ آبي وسيلن واري وزير ديلر شوفا ڪر اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي وزير اويس ل??اري چي?? ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ گهرا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ترڪيه کانپوءِ ٻيو ملڪ هو جنهن سيپٽمبر 1991ع ۾ تاجڪستان جي آزادي کي تسليم ڪيو. هن چي?? ته اسان جي علائقائي ويجهڙائي سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن ۾ مذهب، تاريخ ۽ ثقافت گڏيل آهي، ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو نيون راهون ڳولي سگهجن ٿيون. اويس احمد لغاري چي?? ته تاجڪستان کي وچ ايشيا ۾ اهم مقام حاصل آهي ۽ هي وچ ايشيا جو گيٽ وي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چي?? ته واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ پلان آف ايڪشن تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ واپار تي گڏيل ورڪنگ گروپ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته ڌرين تاجڪستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ تحت ٽرانزٽ ٽريڊ تي هڪ گڏيل رابطا ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي ??پر??شنل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي شقن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چي?? ته پاڪستان وچ ۽اولهه ايشيا جي سنگم تي واقع آهي، گوادر ۽ ڪراچي تائين سمورين واپاري راهدارين مان فائدو کڻڻ لاءِ تاجڪستان جي آجيان ڪريان ٿو. وفاقي وزير چي?? ته واخان ڪوريڊور ذريعي اسان جي 14 ڪلوميٽر جي قربت سڌو سنئون رابطا قائم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اويس ل??اري چي?? ته ڪاسا 1000 بجلي جي پيداوار جو اهم منصوبو آهي، منصوبي سان ملڪ ۾ بجلي جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چي?? ته ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد تڪميل چاهيون ٿا، منصوبي تحت توانائي جي شعبي ۾ گڏيل فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اويس ل??اري چي?? ته سياحت ۽ ثقافت ملڪن وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، گڏيل سياحت جي موقعن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سياحت تي گڏيل ورڪنگ گروپ جو افتتاحي اجلاس طلب ڪري سگهون ٿا. اويس ل??اري چي?? ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئون رخ ملندو.
پاڪستان تاجڪستان وچ ۾ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن: اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج