اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ لاڳاپن کي ”مذهب، اعتماد ۽ گڏيل احترام“ تي ٻڌل هڪ مضبوط رشتو قرار ڏيندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو اسلام آباد ۾ يو اي اي جي 53هين قومي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، پا??ستان ۾ يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي، سفارتي برادري جي ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پا??ستان يو اي اي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سياحت جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن يو اي اي جي ڪاروباري ادارن کي پا??ستان جي معيشت بشمول پا??ستان اسٽاڪ ايڪسچينج، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين موقعن سان ڀرپور شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ڇو ته ملڪ هڪ اهڙو سيڙپڪاري دوست ماحول پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته پا?? – يو اي اي لاڳاپا هڪ قابل اعتماد اسٽريٽجڪ حص??دا??ي ۾ اچي چڪا آهن جيڪا سياسي، معاشي ۽ سماجي رخن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته يو اي اي پا??ستان جو هڪ اهم ترين معاشي حص??دا?? ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏو ملڪ آهي. صدر چيو ته ت??زو ئي سامونڊي، لاجسٽڪس ۽ هوابازي جهڙن شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون يو اي اي جي پا??ستان جي معاشي صلاحيت تي پختي حمايت ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته پا??ستان اهو پهريون ملڪ هو جنهن يو اي اي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي ان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. هن پا??ستان جي مشڪل وقتن ۾ يو اي اي جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. صدر يو اي اي ۾ رهندڙ 18 لک پا??ستانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي عوامي لاڳاپا اسان جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ خيرسگالي جو اعليٰ مثال آهي. صدر يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ عوام کي يو اي اي جي قومي ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني.
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن کي ”مذهب، اعتماد ۽ گڏيل احترام“ تي ٻڌل هڪ مضبوط رشتو قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ