ماسڪو -13 مارچ (اي پي پي) روس يوڪرين کي فنڊ ڏيڻ لاءِ روس جي مرڪزي بئنڪ جا منجمد ذخيرا استعمال ڪرڻ جي اجازت ??يڻ واري سوئيٽزرلينڊ جي قدم کي ان مل?? جي سفير ڪرسٽينا مارٽي لينگ کي طلب ڪري احتجاج ڪيو آهي. روسي خابرو اداري موجب سوئيٽزرلينڊ وٽ پنهنجن مالياتي ادارن ۾ روس جا 8 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جا ذخيرا منجمد آهن. مل?? جي پارليامينٽ گذريل هفتي حڪومت کي قانون موجب معاوضي ??و ميڪانزم ٺاهڻ واري ڪم ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ وارين تحريڪن جي هڪ سيريز جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن جي حمايت ۾ 21 ۽ مخالفت ۾ 19 ووٽ پيا هئا. روس جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو هو ته روس سوئس عملدارن جي انهن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪي رياستي ڇوٽ جي حوا??ي سان عالمي قانون جي بنيادي اصولن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪن ٿا.
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil