پيانگ يانگ-12 نومبر (اي پي پي) اُتر ڪوريا روس سان دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندي اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان معاهدي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ف??جي ناتن کي بهتر بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻُڌايو ته اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان هڪ حڪمنامي ذريعي روس سان معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ روس جي پارليامينٽ گذريل هفتي ان معاهدي جي توثيق لاءِ اتفاق را??ِ تي ووٽ ڏنو هو جنهن تي صدر ولادي مير پيوٽن بعد ۾ صحيحيون ڪيون هيون. روس جي صدر ۽ اُتر ڪوريا جي اڳواڻ جون ۾ روس جي صدر جي اُتر ڪوريا جي دؤري دوران ??سٽ??يٽجڪ شراڪتداري جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون هيون. هي معاهدو ٻنهي رياستن کي هڪٻئي تي حملي جي صورت ۾ ڪنهن دير کانسواءِ ف??جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ اولهه جي پابندين جي مخالفت ڪندي گڏيل تعاون جو پابند بڻائي ٿو. ولادي ميرپيوٽن جون ۾ ٿيل ان معاهدي کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو هو.
اُتر ڪوريا روس سان تاريخي دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي، اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب