اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ويزن 2025ع تحت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪ??ڻ کي يقيني بڻائڻ اسان جي قومي پاليسي آهي، عالمي سطح تي اسان جي ذميداري آهي ته پائيدار ترقياتي هدفن لاءِ ڪم ڪريون. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ويمن پارلياماني ڪاڪس جي اهتمام هيٺ جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي فروغ ۾ عورت پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار جي موضوع تي بين الاقوامي ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم پوليو جي خاتمي واري سيل جي چيئرپرسن سينيٽر عائشه ??ضا فاروق، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ٻيا اعليٰ عم??دار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار