اسلام آباد – 07 جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا پاران جي آءِ ٽي کي رياست جي طاقت فراهم ڪئي وئي آهي، جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ۾ جيڪڏهن انگلينڊ، پاناما، يو اي اي ۽ قطر مان ڪاغذ حاصل نه ڪيا ته پوءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، جي آءِ ٽي پاناما ج?? جاچ ڪرڻ بدران حديبيه پيپرز جي جاچ ۾ لڳي وئي آهي، ماڻهن کي واعدي معاف گواهه بڻجڻ جي ل??ءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، قطر ايئرلائين جي ٽڪيٽ سستي ترين آهي، جي آءِ ٽي جيڪڏهن پوري نه ٿي وڃي سگهي ته پنهنجي ميمبرن کي ئي قطر موڪلي قطري شهري جو بيان وٺي ها، شريف فميلي جي ڪاروبار جي حوالي سان قطري شهري جو خط ۽ ڊاڪيومينٽس ان حوالي سان اهم ترين آهن، جاچ جي ل??ءِ مدو مڪمل ٿيڻ ??ان ڪجهه ڪلاڪ اڳ قطري شهري کي آخري خط لکڻ جو مطلب جي آءِ ٽي پنهنجي مدي ۾ واڌ چاهي ٿي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي کي خصوصي انٽرويو ڏئي رهيو هو. وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته شريف خا??دان پاناما دستاويز ڪيس ۾ عدل ۽ انصاف جي اميد تي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حق تان هٿ کڻي اخلاقي فرض ادا ڪندي پاڻ کي احتساب جي ل??ءِ پيش ڪيو پر جي آءِ ٽي جي آئين ۽ قانون کان مٿانهين طريقيڪار سان ڪجهه شڪ پيدا ٿي رهيا آهن.
وفاقي ڪابينا پاران جي آءِ ٽي کي رياست جي طاقت ڏني وئي آهي: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی