اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي آمريڪا جي دوري بابت آگاهه ڪيو جتي هن ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار، ڀا??تي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت جي ج??رح??ڻي رويي، اف??ان??تان ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت سميت اهم معاملن تي پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ٻطرفين ملاقاتن خاص طور تي آمريڪا جي نائب صدر، ايران ۽ ترڪيءَ جي صدرن، سريلنڪا جي وزيراعظم، عالمي بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ايگزيڪيو??و چيئرمين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ اردن جي شاهه سان پنهنجي ملاقاتن بابت ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج