اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي سڀ کان مشڪل معاشي صورتح??ل مان نڪري آيو آهي، پهريون ڀيرو اسان جي حڪومت صنعتن جي بحالي کي ترجيح ڏني آهي، ان حڪمت عملي سان روزگار جا موقعا ملندا، ڊيجيٽل ميڊيا ذريعي مظلوم ڪشميري عوام جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري دنيا کي باور ڪرايو وڃي ته سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جو حل عالمي دني?? جو فرض آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ وفاقي حڪومت 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فاشسٽ مودي سرڪار هندو راشٽر?? جو خواب پ??رو ڪرڻ جي لاءِ امن ۽ خطي جي سلامتي کي داءُ تي لڳائي رهي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وز??راعظم عمران خان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.
پاڪستان تاريخ جي سڀ کان مشڪل معاشي صورتحال مان نڪري آيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا