اسل??م آباد – 20 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??وو?? – 19 جا 42 هزار 909 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هزار 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، اسل??م آباد ۾ 6 هزار 153، بلوچستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ??وو?? – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 27 هزار 542 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ??وو?? 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ??وو?? – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ??وو?? 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا