اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چي?? آهي ته هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران ??ان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي، آئون مائنس ٿي به ويس ته هي نه بچندا، ڪرسيءَ اچڻ وڃڻ واري شيءَ آهي، ڪڏهن ناهي چيو ته لازمي آهيان پر جيستائين پنهنجي نظريي ۽ اصولن تي اسان ??يٺل رهنداسين ڪير اسان ??و ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي، ملڪ جي تشخص کي جيترو نقصان پاڪستان جي ليڊرشپ پهچاي?? آهي، دشمن به نه ٿو پهچائي سگهي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج حملي بابت اسان کي ڪو شڪ نه آهي ته اهو ڀارت ڪي?? آهي، اسان ??ون ايجنسيون هائي الرٽ آهن، انهي جي ڪري چئن وڏن واقعن کي ناڪام بڻايو وي?? آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ مڪمل ٿيڻ تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران ??ان پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سڀني هڪ جذبي سان ??جيٽ جي منظوري ۾ حصو ورت?? آهي. بجيٽ کان هڪ رات اڳ نجي ٽي وي شوز ۾ ائين پيش ڪيو پئي ويو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ هي حڪومت جو آخري ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته هو عورت ميمبرن جو به ٿورائت?? آهي جيڪي ايوان ??ي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. مون کي پارٽي جي چيف وهپ عامر ڊوگر عورت ميمبرن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌاي?? آهي، آئون اقليتي ميمبرن جو به ٿورائت?? آهيان. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي خطاب جي شروع ۾ پاڪستان جي انهن هيروز جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو جن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ وارن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو، سب انسپيڪٽر شاهد شهيد، اسٽاڪ ايڪسچينج جي محافظن افتخار، خدا يار حسن علي تمام وڏي قرباني ڏني آهي، اسان کي اهو ٻڌي ا??سو?? ٿيو ته حسن علي جي ڀيڻ ڀاءُ جي شهادت جي خبر ٻڌي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
هي مائنس ون جي ڳالهه ان لاءِ ڪن ٿا ته هي چاهين ٿا ته عمران خان کي ڪڍي انهن جي ڪرپشن بچي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی