اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومن جي ترقي ۾ اخلاقيات، نظريي ۽ انصاف جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جي خاتمي ۾ پوري معاشري جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪم رڳو قانونن سان نه ٿو ٿي سگهي، جزا ۽ سزا جي تصور کانسواءِ انصاف ممڪن نه آهي، ڏوهارين کي سزائون ڏيارڻ جي ??اءِ اسان جي حڪومت نيب ۽ عدالتن کي گهربل هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون اين آر او جي ??اءِ آهن، پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان ڪير نه ٿو روڪي سگهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ هيٺئين طبقي جي ??شڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان چونڊ سڌارن تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام آڻينداسين ته جيئن ڌانڌلي جي شڪايت جو سدائين لاءِ خاتمو ٿئي، پاڪستان مشڪل دور مان نڪري هاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان کي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي، راوي سٽي، بنڊل آئي لينڊ ۽ والٽن بزنس سينٽر جهڙا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ??ان ٿيندڙ آمدني سان قرض و??پس ڪنداسين. قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ??رارداد جي ??نظوري کانپوءِ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڀ کان اڳ اتحادين، ميمبرن ۽ پنهنجي ??يم جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته گذريل ڏينهن ??التون ڏٺيون ته حفيظ شيخ جي ??ارائڻ تي سڀ تڪليف ۾ ورتل هئا، هن وقت هڪ ٽيم نظر اچڻ مون کي تمام سٺو لڳو، هاڻي اسان جي ??يم مضبوط ٿيندي ويندي. الله قرآن ۾ ايمان کي آزمائڻ جي ڳالهه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ??اءِ ڪري ٿو. آزمائش مان نڪري انسان جو ايمان مضبوط ٿئي ٿو. انسان کي اشرف المخلوقات بڻائڻ جي ??اءِ مشڪل وقت کي منهن ڏيڻ جي شرط لڳائي وئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن ??سان وزن کڻندا آهيون ته اسان جو جسم مضبوط ٿيندو آهي اهڙي طرح سياسي پارٽي به مشڪل وقت مان نڪري مضبوط ٿئي ٿي. دنيا ۾ آسانيون قوم کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت مان نڪرڻ تي پارٽي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ميمبر مشڪل حالتن ۽ صحت جي خرابي جي باوجود هتي پهتا. وزيراعظم چيو ته اسان کي پاڪستان قائم ٿيڻ کي ڪڏهن ??ه وسارڻ نه گهرجي ڇو ته نظريي کانسواءِ قوم مري وڃي ٿي. قوم مقصد جي ??اءِ بڻجندي آهي، جيستائين اسان پنهنجي ??ارن کي پنهنجا مقصد نه ٻڌائينداسين، اسان جي ??يادت کي خبر هجڻ گهرجي ته اهو عظيم خواب هو. هن ??وال ڪيو ته ڇا علامه اقبال کي خبر نه هئي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 20 ڪروڙ مسلمان انڊيا ۾ ئي رهجي ??يندا. ان جي خيال ۾ دنيا جي ??اءِ هڪ مثالي ۽ ماڊل اسلامي رياست جو خواب سامهون هو جيڪو قرارداد مقاصد ۾ مديني جي رياست تي اسلامي فلاحي رياست جو بنياد هو. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست ۾ اصول طئي هئا ته ان رياست کانپوءِ هڪ ورهايل قوم جنهن ??ي ڪا حيثيت نه هئي اها اصولن تي هلي دنيا ۾ مثال بڻجي ??ئي، اهو هڪ معجزو هو. وزيراعظم چيو ته تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ستين کان نائين درجي جي ??صاب ۾ نبي صه جي زندگي ۽ مديني جي رياست بابت سبق شامل ڪري ته جيئن ٻارن کي هن ملڪ جي ??هڻ جو مقصد خبر پوي. وزيراعظم چيو ته اڄ ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ٿي رهيو آهي اهڙي دليل ڏني ويندي هئي ته جيڪڏهن پاڪستان نه ٺهيو ته مسلمان وڌيڪ طاقت ۾ هوندا. جيڪڏهن ??سان ان نظريي تي نه هلنداسين ته پوءِ اها دليل صحيح آهي. پاڪستان جو خواب عظيم هو. هن چيو ته جن ماڻهن ??ي حيثيت ئي نه هئي انهن ??نيا جي امامت ڪئي. دنيا کي عظيم تهذيب ۽ ثقافت ڏني، وڏا سائنسدان ڏنا، انهن ??نيا ۾ اخلاقي معيار ڏنو. وزيراعظم چيو ته انڊونيشيا، ملائيشيا ۾ مسلمان واپارين جي ڪردار کان متاثر ٿي ماڻهو مسلمان ٿيا. اسلام تلوار سان نه ڪردار جي اصلاح سان پکڙيو. وزيراعظم چيو ته نماز ۾ اسان روزانو اهو پڙهون ٿا ته اسان کي سڌي رستي تي هلائي. وزيراعظم چيو ته ٻه رستا آهن، هڪ تباهي ۽ هڪ نعمتن جو رستو آهي. دنيا جون سڀ کان وڌيڪ نعمتون نبي ڪريم صه کي بخشيون ويون. انهن ??ي رستي تي هلندڙ عظيم انسان بڻيو. هن چيو ته انگريز ليکڪ جي ??کيل ڪتاب ”فاتح عرب“ پڙهڻ واري ڪتاب آهي. ان لکيو آهي ته مسلمانن جي دنيا ۾ فتح جو ڪو مثال نه ٿو ملي، ان وٽ ڪي جديد هٿيار نه هئا. انهن ??ي اخلاقيات، عدل ۽ انصاف، ڪردار جي ڪري ماڻهو انهن ??ان گڏ ٿيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ داتا، ڀلي شاهه، بابا فريد، نظام الدين اولياءَ جو ڪردار ۽ انسانيت ڏسي ماڻهو مسلمان ٿيا. هن چيو ته تازين سينيٽ چونڊن تي شرمندگي ٿئي ٿي. ڪٿي اهو خواب ڪٿي خريدارن جي ??ڪرامنڊي لڳي. وزيراعظم چيو ته هڪ مهيني کان خبر هئي ته پئسو گڏ ڪيو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن پاران سٺي اليڪشن ڪرائڻ جي ڳالهه تي مون کي صدمو پهتو آهي. جيڪڏهن ??ها سٺي اليڪشن آهي ته بري اليڪشن ڪهڙي هوندي آهي. هن چيو ته اسان جي ??عيشت، قرض بيماري جون علامتون آهن، اڳ ۾ اخلاقي طور تي تباهي پوءِ معيشت جي تباهي اچي ٿي، ڪو اهڙو ملڪ ٻڌايو جتي اخلاقي گراوٽ سان معاشي حالتون بهتر ٿين. هن چيو ته دنيا جي عظيم ليڊر ان جي اخلاقيات کي مٿي اٿاريو. اهي صادق ۽ امين هئا، قرآن انهن ??ي سنت ??ي هلڻ جو چوي ٿو، ان ۾ اسان جي بهتري آهي. قرآن رهنما حيات آهي. هن چيو ته مون کي تڪليف ٿئي ٿي جڏهن ??ولهه ملڪن ۾ وڃان ٿو انهن ??و اخلاقي معيار ڏسي شرم اچي ٿي ته افسوس ٿئي ٿو ته اسان جو ملڪ لااله الالله جي بنياد تي ٺهيو ۽ هتي ڇا ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آصف علي زرداري جنهن کي پوري دنيا ڪرپٽ ثابت ڪيو آهي، هن ملڪ ۾ هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جا نعرا لڳا ڇو ته هو پئسا ڏي ٿو. نواز شريف ڌاڙيل، ملڪ مان ڪوڙ ڳالهائي ڀڄي ويو آهي. ڪابينا ۾ 6 ڪلاڪ ان تي ڳالهه ٿي ته هو جهاز تي به نه ٿو چڙهي سگهي، شيرين مزاري جهڙي مضبوط عورت جا ڳوڙها نڪري آيا، اتي ويندي ئي صحتياب ٿي ويو. هاڻي هو خطاب ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان جو منصوبو اهو هو ته اڍائي سالن کان وڏا وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي عمران خان تي ايترو دٻاءُ وجهن ??و جنرل مشرف وانگر هو انهن کي اين آر او ڏئي ڇڏي. جنرل مشرف سان گڏ سپريم ڪورٽ، فوج هئي. هن ??ين آر او ڏئي ظلم ڪيو. ان وقت اپوزيشن ليڊر مولانا فضل الرحمان ان سان مليل هو، اهو اين آر او وڏو ڏوهه هو. ٻنهي ان کانپوءِ ملڪ ڦريو. ملڪي قرض ٻه هزار ارب رپين مان وڌي 30 هزار ارب تائين پهچائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ??ئون وزيراعظم بڻيس ته پهرين ڏينهن مون کي ايوان ۾ تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي ڇو ته انهن کي ڊپ هو ته ڪرپشن جا ڪيسز معاف نه ڪندو. اهي ڪيسز اسان ناهن ٺاهيا انهن ??ي پنهنجي دورن ۾ ٺاهيا ويا. نيب جو چيئرمين انهن ??و لڳايل هو. پاڪستان جا 60 ملين ڊالر سوئٽزرلينڊ ۾ پيل هئا، ان وقت جي ??زيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ پاران چيو ويو ته هو پئسا پاڪستان و??پس آڻڻ جي ??اءِ خط لکي، اهي پئسا ان جي ??يءُ جا نه هئا. هن چيو ته هو هتي ائين گهمي رهيو آهي جهڙو نيلسن منڊيلا آهي.
ڪرپشن جي خاتمي ۾ پوري معاشري جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪم رڳو قانونن سان نه ٿو ٿي سگهي: وزيراعظم عمران خان جو قومي اسيمبلي مان اعتماد جي قرارداد منظور ٿيڻ کانپوءِ خطاب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی