اسلا?? آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوا??ي سان ٿيندڙ بريفنگ دور??ن ڏني. وزيراعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانونسازي جي حوا??ي سان هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي حوا??ي سان پرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado