اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چو??ڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آهن، حڪومت ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کان تجويزون گهريون پر انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تحت عام چو??ڊون ٿيون، اتي اليڪشن ڪميشن جو هڪ ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آ??ي، ڌانڌلي جا الزام سمجهه کان مٿي آهن. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير جي عام چو??ڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر نه هجڻ جي ڪري شڪست تسليم نه ڪئي ويندي هئي، اسان غيرجانبدار امپائر جي لاءِ مهم هلائي، 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اسان غيرجانبدار امپائر آندا، هاڻي ڪير هارائڻ تي الزام نه ٿو هڻي، اسان جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چو??ڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن چو??ڊ عمل ٺيڪ ٿئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو نظام آڻيون، اهو سمورن مسئلن جو حل آهي، ان تي اسان وڏي محنت ڪئي آهي، مخالف ڌر کان ان تي تجويزون گهريون آهن جيڪي انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ عام چو??ڊون مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪرايون، پوليس انهن جي هئي، اليڪشن ڪميشن جو ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آ??ي، ڌانڌلي جا الزام وزيراعظم هائوس ۾ ويهي وزيراعظم پاران هنيا ويا آهن، انهن سڀني جو حل اي وي ايم آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ??زارت اهي مشينون تيار به ڪيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ۽ بار ڪائونسل جون سموريون چو??ڊون ان تحت ٿين، وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدارتي چو??ڊن ۾ سسٽم جي ڪري ??رمپ جا ڌانڌلي جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا.
چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آهن: عمران خان
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی