اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي س??ن نائيجر جي قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نائيجر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت آهي. نائيجر جي قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ ??هر?? نظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. نائيجر قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي س??راهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائيجر جي دوري جي به دعوت ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا