اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊا??ٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي افغانستان جي ??وجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي ??يام لاءِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه لاءِ جاري ڳالهين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف افغانستان پر سڄي خطي لاءِ بهتري ج?? سبب بڻجندي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها افغانستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ افغانين کي معاشي معا??نت جي ??راهم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مسلم امت تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ افغانستان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترين ئي امن مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي ??وجودگي جي خطري بابت به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي ??نتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي ??يڪالي لاءِ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معا??نت بابت به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير کي اڄ 22 آگسٽ تي جده ۾ افغانستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ??نگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي جو اسلامي سهڪار تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو