اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ?? پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وز??راعظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت 5 شه??ن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. اڄ وز??راعظم ??لت??ن، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، آڪٽوبر کان 29 شه??ن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين پنج شه??ن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وز??راعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو، احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وز??راعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.
وزيراعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو
مضمون کا ماخذ : ریل رش