اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي خصوصي هدايتن تي جشن آ??ادي جي 75 سالا تقريبن جي لاءِ اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس پهريون ڀيرو سمورن صوبن جي پوليس کي گهرايو آ??ي. ??مورا صوبائي پوليس جا دستا آزادي ڏهاڙي جي خصوصي تقريبن ۾ حصو وٺندا. پاڪستان جي 75 هين آ??ادي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. سمورن صوبن مان پوليس جا خصوصي دستا ۽ بينڊ بشمول پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اسلام آباد پهچي ويا آهن. 13 ۽ 14 آگسٽ تي عوامي جاين تي فليگ مارچ ڪيو ويندو. مارچ ۾ سمورن صوبن جا پوليس بينڊ قومي نغمن جون ڌُنون وکيريندا. اهي تقريبون صوبائي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جو اظه??ر هونديون. جشن آ??ادي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ آزادي جي لاءِ قرباني ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ