اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يل??ني سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته فارن م??نز جي اسٽاف کي هاڻي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقي دوران سينيٽر سيف الله ابڙو جي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يل??ني چيو ته جمع ڪرايل آڊٽ پيرا ۾ 285 ملين رپين ۾ 93 ملين پرڏيهي وزارت بابت هئا جن جي ريڪوري ڪئي وئي آ??ي، آڊٽ اعتراضن جو مطلب ڪرپشن يا غبن ناهي هوندو، ان ۾ ملازمن ۽ آفيسرن جي علاج جي حوالي سان ڪجهه ڪاغذ به جمع ناهن ڪرايا ويندا. هن چيو ته آفيسرن کان ٿيندڙ ريڪوري معمولي نوعيت جي هوندي آ??ي، ان ۾ اڪثر ڪيسز آفيسرن ۽ اسٽاف بابت هوندا آهن جن ۾ ٽيليفون بل ۽ ٽي اي ڊي اي شامل هوندا آهن. نگران پرڏيهي وزير فارن م??نز جي اسٽاف جون پگهارون دير سان ملڻ جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پرڏيهي ناڻي ۾ گهٽتائي جي ڪري پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي هئي پر هاڻي پگهار وقت تي ادا ڪيو پيو وڃي.
فارن مشنز جي اسٽاف کي هاڻي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ