گڏيل قومون – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت ان??ر سيڪريٽري ۽ ايمرجنسي ريلف جي ڪوآرڊينٽر ما??ٽن گريٿس ان اميد جو اظهار ظاهر ڪيو آهي ته گڏيل قومن پاران افغانستان کي زميني رستي ذريعي جلد امداد جي فراهمي شروع ٿي ويندي . هن وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان افغانستان کي زميني رستي ذريعي ٻين ملڪن کان امدادي سامان جي فراهمي جي شروعات ڪنداسي پر امدادي سامان جي فراهمي جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ افغان حڪومت کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي پوندي ڇو ته اسان کي ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ گڏيل قومن جا عهديدار طالبان کان زباني وعدن بدران لکت معاهدي تي غور ڪري رهيا آهن .هن وڌ??ڪ چيو ته سڄي دنيا جي امدادي تنظيمن کي آزاداڻي اندازي ، فراهمي ۽مانيٽرنگ ڪرڻ ، قومي ۽ عالمي انساني امداد جي ورڪرز ۽ سندن خاندانن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي ضرورت آهي .
اميد آهي ته افغانستان کي زميني رستي کان امداد جي فراهمي جلد شروع ٿي ويندي . گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina