گڏيل قو??ون – 31 جنوري (اي پي پي) گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل پشاور مسجد ۾ ده??تگردن جي آپگهاتي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته بزدلاڻي واقعي ??ي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي تي آندو وڃي. 15 رڪني سلامتي ڪائونسل طرفان جا??ي ??يان ۾ سانحي جي متاثرين جي وارثن ۽ پاڪستان حڪومت سا?? همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. بيان ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل ويجهو ده??تگردي پوءِ اها ڪهڙي به شڪل ۾ هجي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته هن سانحي جي ذميوارن ۽ انهن جي مالي معاونت ڪندڙ توڙي سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بيان ۾ سمورن ملڪن کي اپيل ڪئي وئي ته هو بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي هن معاملي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن جي مدد ۽ معاونت ڪن. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جا ميمبر ملڪ ان عزم جو اظهار ڪن ٿا ته ده??تگردي جون ڪارروائيون پوءِ اهي ڪهڙي به مقصد جون هجن ۽ هو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجي ان کي جنهن به انجام ڏنو هجي اهو مجرماڻيون ڪارروائيون آهن ۽ انهن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪ??ي ??گهجي.
سلامتي ڪائونسل ۽ يو اين اي او سي جي پشاور حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena