واشنگٽن -8 مئي(اي پي پي) آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارخاني ۾ پاسپورٽ ڊي سي جي نالي ??ان ساليانو پروگرام منعقد ٿيو جنهن ۾ عالمي شهرت يافته پاڪستاني ٽرڪ آرٽ، روايتي لباس، جواهرات، آرٽ نما، فرنيچر، قالين ۽ مزيدار کادن ج?? نمائش ڪئ?? وئي. پاڪستاني سفارتخاني ۾ گذريل ڏينهن منعقد تقريب ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستاني ڄايل آمريڪي شهري، سفارتڪار، آمريڪي اختيارين، ٿنڪ ٽينڪ ڪميونٽي، غير سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا سميت زندگي جي سمورن شعبن ??ان واسطو رکندڙ مردن عورتن ۽ ٻارن ملڪي ثقافت جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. تقريب پنهنجي مقرره وقت کان اڳ ۾ شروع ٿي ۽ ٻنپهرن تائين جاري رهي. هتي وڄائي ويل پاڪستاني موسيقي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻو.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری